بحريا ٽائون ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ تي بي اعتمادي، پٽيشن جو اعلان

ڪراچي (رپورٽ: عارف نائچ) سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر  ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو ۽ سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي جي ڪنوينر  محمد خان شيخ چيو آهي ته بحريا واقعي جون 29 ايف آءِ آرز  غير قانوني آهن، جن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشنون داخل ڪيون آهن  جن کي ٻڌڻ کان لنوايو پيو وڃي پر اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي،سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي  سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊوڪيٽ سجاد چانڊيو جو چوڻ هو ته بحريا واقعي جون 29  ايف آءِ آرز  غير قانوني آهن، سنڌ پوليس پيپلز پارٽي جي ونگار وهي رهي آهي، جنهن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ٿيل آهي جنهن جي اڄ ٻڌڻي هئي، عدالت اسان جي ڪوششن باوجود ڪيس هلائڻ بنا معطل ڪري ڇڏيا ۽ ڪيس جي ويجھي تاريخ ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو، هن چيو ته عدالت جي بينچ خلاف بي اعتمادي جي درخواست سڀاڻي عدالت ۾ جمع ڪرائيندس، هاڻي مون کي ان بينچ مان انصاف جي اميد ناهي، ڇو جو ٽيون ڀيرو بينچ اسان جي پٽيشن تي ٻڌڻي نه ٿي ڪري، سندس چوڻ هو ته بينچ بحريا خلاف ڪيس ٻڌڻ جي طاقت نه ٿي رکي ته ڪنهن ٻي بينچ جي سامهون هلائينداسين، سجاد چانڊيو چيو ته بحريا ٽائون 6 جون تي پر امن احتجاج کان پوءِ پ پ جي پت وائکي ٿي پئي آهي، سنڌ  ۾ پيپلز پارٽي پرامن احتجاج ڪندڙن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري نئين روايت قائم ڪري رهي آهي، نوابشاهه ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي جي رستا روڪ ڪري حملو ڪيو ويو ۽ دهشتگردي جو ڪيس به سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي داخل ڪيو ويو، سنڌي قوم ڪيسن کان ڊڄڻ واري ناهي، وسيلن کي بچائڻ لاءِ ايڪشن ڪميٽي سان گڏ بيٺل آهي، سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي جي ڪنوينر محمد خان شيخ  چيو ته اسان جي سموري ٽيم پر اميد هئي ته اڄ پٽيشن تي ٻڌڻي ٿيندي پر ڪيس کان پهريان بورڊ ڊسچارج ڪيو ويو، پراسيڪيٽور جنرل 07 آگسٽ تي هاءِ ڪورٽ ۾ لکي ڏنو هو ته اسان ڪيسن کي مرج ڪنداسين، اٺ سيپٽمبر تي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيشي آهي جيڪي ڪارڪن ضمانت تي آزاد آهن انهن جا نالا ٻين ڪيسن ۾ ڏنا ويا آهن جيئن انهن کي وري گرفتار ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب هڪ واقعي جي هڪ ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گھرجي پر هن ڪيس ۾ 31 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن، عدالت سنڌ بار جي ميمبرن سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي پر اسان عدالتن مان انصاف جي اميد رکيو ويٺا آهيون، سنڌ حڪومت چالاڪي ڪري چالانن ۾ وڌ ۾ وڌ ماڻهن کي ڦاسايو آهي جيئن هو زمينن جي والار خلاف تحريڪ نه هلائي سگھن، اسان انصاف لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.