ٺٽي جا ٽرانسپورن ٽئڪس اوڳاڙي خلاف سراپا احتجاج، ٽرڪون بيهاري مظاهرو

ٺٽو(ڊر) مڪلي/غلام الله  روڊ مڪلي باء پاس تي قائم رئالٽي ٽيڪس انتظاميہ ريتي، بجري جي گاڏين تي رئالٽي ٽيڪس جي وصولي ڊبل ڪري ڇڏي، گاڏين ڊرائيورن ۽ رئالٽي ٽيڪس انتطاميہ جي عملي ۾ جھڙپون، ٽرڪ  ڊرائيورن ۽ مالڪن پاران گاڏيون بيھاري احتجاج ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مڪلي ہاء پاس تي ريتي ۽ بجري ڍوئيندڙ ٽرڪ ڊرائيورن، مالڪن توڙي پورھيتن پاران ٽرڪون بيھاري عبدالمالڪ پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو تہ مڪلي باء پاس تي قائم رئالٽي ٽيڪس عملو من مستي ڪري زبردستي پنھنجي مرضي سان غير قانوني ڊبل ٽيڪس جي وصولي ڪري رھيو آھي، جيڪي ڊرائيورن سان بدتميزي ڪري کين ڪلاڪن جا ڪلاڪ بلاجواز بيھاري سندن تذليل ڪن ٿا، ھنن چيو تہ ريتي ۽ بجري جو في ٽن ٽيڪس 8 روپيہ آھي، جيڪو ھي 40 روپيہ في ٽن جي حساب سان في ٽرڪ کان 15 سئو ۽ ٽرالر کان 44 سئو روپيہ وصول ڪن ٿا، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي اھي، ان کانسواء ضلعا ٽيڪس جي اوڳاڙي الڳ آھي، جنھن جون پڻ 3 پرچيون آھن، ھنن چيو تہ اسان جيڪو پراڻو ريٽ آھي، ان مطابق ريالٽي ٽيڪس ڏينداسين، وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻ  اسانجي وس جي ڳالھ ناھي، ھنن گھر ڪئي تہ فورن وڌيڪ رئالٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي ختم ڪئي وڃي، احتجاج سبب وڏي تعداد ۾ گاڏيون بيھڻ ڪري ٽرئفڪ جام ٿي ويئي، مڪلي پوليس احتجاج ڪندڙن وٽ پھچي ويئي، جنھن بعد احتجاج ڪندڙ مڪلي ٿاڻي تي پھچي ريالٽي ٽيڪس انتظاميہ خلاف دانھيندي چيو تہ ريالٽي ٽيڪس ٺيڪيدار خلاف فورن ڪاروائي ڪري کين روزگار ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪري وڌيڪ ٽيڪس وصولي ڪندڙ ٺيڪيدار ۽ ان جي عملي خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ مھيا ڪيو وڃي. ٻئي طرف ٽيڪس وصول ڪندڙ عملي جو چوڻ ھو تہ وٽن ٽيڪس وصولي جي ريٽ واريون رسيدون آھن، ان مطابق وصولي ڪن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.