مينار پاڪستان واقعي ۾ وڌيڪ 26 جوابدار گرفتار

لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت جي ترجمان فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته گريٽر اقبال پارڪ واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گذريل رات فيصل آباد، قصور ۽ شيخوپوره ۾ پوليس پاران ڇاپا هنيا ويا جنهن دوران وڌيڪ 26 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.پنجاب حڪومت جي ترجمان فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته گريٽر اقبال پارڪ ۾ عورت  مٿان تشدد ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پنجاب  پوليس جون ڪارروايون جاري آهن. واقعي جي حوالي سان هينئر تائين 407 شڪي ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جن مان 92 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته باقي سمورن ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدارن مان 40 جي سڃاڻپ پريڊ لاءِ جيل اماڻيو ويو آهي. جڏهن ته وڌيڪ 30 کي اڄ اماڻيو ويندو. فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته چنگچي رڪشي ۾ عورت سان بدتميزي واري ڪيس ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان ميديا کي به آگاهه ڪيو ويندو. صحافين ۽ عوام کي گذارش آهي ته هو بنا ڪنهن جي تصديق جي خبر يا اطلاع کي اڳيان نه پکيڙين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.