ڪراچي ۾صحافين سان بدتميزي ڪندڙ اي ايس آءِ معطل

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي  ۾ لاڪ ڊائون دوران رسالا ٿاڻي جي حد ۾ اي ايس آءِ عمران احمد پاران صحافين حفيظ ڦلپوٽو، امداد سومراھ سانبدتميزي ڪئي  جنهن کانپوءِ ڪراچي جي سڀني صحافي برادري ۾ تاء پکڙجي ويو ،صحافي برادري سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وھاب صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه کي معاملي معاملي کان آگاهه ڪيو جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وھاب، صوبائي وزير وزير اطلاعات معاملي جو نوٽيس ورتو ۽ آئي جي سنڌ، ڪراچي پوليس چيف کي ڪارروائي جو حڪم جاري ڪيو جنهن بعد آءِ  جي سنڌ، ڪراچي پوليس چيف به جاڳي پيا  ڪراچي پوليس چيف رسلا ٿاڻي جي اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺندي اي ايس آءِ عمران احمد کي معطل ڪري ايس ايس پي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  جنهن کانپوءِ ايس ايڇ او رسالا چوڌري عامر سينيئر صحافي امداد سومراھ ۽ حفيظ ڦلپوٽو سان رابطو ڪري اهڙي واقعي جي پڇا ڳاڇا ڪئي، صحافي رسالا ٿاڻي پهچي ايس ايڇ او سان ملاقات ڪري  واقعي بابت آگاھ ڪيو، ملاقات دوران ايس ايڇ او رسالا جو چوڻ هو ته اي ايس آءِ خلاف ڪاروائي ڪئي وئي آهي اهڙي واقعي تي افسوس ٿيو آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن اي ايس آئي عمران احمد خلاف ڪارروائي ڪئي آهي۔ اي ايس آئي عمران احمد خلاف مڪمل ڪارروائي ٿي آهي۔ ايس ايڇ او رسالا صحافين سان وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته لاڪ ڊائون ۾ ڪٿي به ڪي دڪان کليل نظر اچن يا منهنجي حد جي پوليس اهلڪار بلاجواز ڪنهن شهرين يا صحافين سان تنگ ڪندي نظر اچن ته فوري طور تي مونکي اطلاع ڪيو وڃي ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.