ڳڙهي خيرو ۾ لائبريري جو ڪم مڪمل نه ٿيو، شاگردن جوڌرڻو

ڳڙهي خيرو ( ن ع آ )  شاگرد اتحاد ڳڙهي خيرو پاران 6 سالن کان شهيد بينظير ڀٽو لائبريري جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري بيگاري پل تي ڌرڻو ھنيو ويو، شاگرد اتحاد جي سڏ تي شھر جي شاگردن سان گڏ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شاگردن اتحاد پاران عرض محمد لھر، محمد حنيف رئيساڻي، حسن علي بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاگرد اتحاد آفيس مان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،  جيڪو شھر جي مختلف رستن مين بازار، صرافا بازار، شاھي بازار، پنج گلي چوڪ، دوداپور ناڪي کان ٿيندا سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ بيگاري پل تي پھتا جتي ڌرڻو ھڻي سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ روڊ کي بند ڪيو ويو، جنھن سبب روڊ جي ٻنھي پاسي کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، جنھن سبب مسافر سخت گرمي سبب سخت پريشان نظر آيا،ن موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ڳڙهي خيرو جا ماڻھو اڄ جي ھن جديد دور ۾ به جتي ھر قسم جي بنيادي سهولتن کان محروم آھن، ممتاز خان جکراڻي هن تڪ تان  ڪامياب ٿيو ھو، جنھن سنڌ حڪومت کان ڪروڙين جي لاڳت سان شھيد بينظير ڀٽو جي نالي سان لائبريري منظور ڪرائي پنھنجي ئي منظور نظر ٺيڪيدار کي لائبريري جو ٺيڪو ڏياريو ھو, جيڪو ٺيڪيدار شھيد بينظير ڀٽو لائبريري جو اڌ ڪم ڪري سڄي رقم ڪڍرائي فرار ٿي ويو آھي، شهيد بينظير ڀٽو لائبريري ڳڙهي خيرو کي فنڪشنل بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ لائبريري فنڪشنل ٿي وڃڻ تائين مرحلي وار تحريڪ جاري رھندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.