ٿرڪول ڪمپنين ٿرين جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي:عوامي تحريڪ

مٺي (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جو جنرل ڪائونسل مٺي ۾ ٿي گذريو،جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ 22 آگسٽ تي اسلام ڪوٽ ۾ ٿرپارڪر جي مسئلن بابت ٿر بچايو سنڌ بچايو ڪانفرنس ڪئي ويندي،ان سلسلي مختلف ڪميٽيون جوڙي ڪانفرنس جي ڪاميابي لئہ زبردست رٿابندي ڪئي وئي،ٿر بچايو سنڌ بچايو ڪانفرنس ۾ ٿر جي مختلف ڳوٺن کان هزارين ماڻھن جي شرڪت لئہ رٿابندي ڪئي وئي،جنرل ڪائونسل ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ ٿر جي مسئلن بابت هڪ مطالباتي هينڊ بل ڇپرائي سڄي ٿر ۾ ورهائي ٿر بچايو سنڌ بچايو ڪانفرنس بابت سجاڳي مھم هلائي ويندي ۽ ٿر جي عوام کي سندن حقن بابت آگاه ڪيو ويندو،ٿر بچايو سنڌ بچايو ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرائڻ لئہ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جون ٽيمون ٿرپارڪر جو دورو ڪري ٿرين جي معاشي، سياسي ۽ سماجي  مسئلن جو جائزو وٺنديون.عوامي تحريڪ جي جنرل ڪائونسل کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ليگل ايڊوائيزر وسند ٿري، ضلعي صدر اوڀايو جوڻيجو، اشرف رند، پياسي ميگهواڙ، ڪبير ڀيل، رحمن نھڙي ۽ ٻين چيو تہ ٿر ڪول رٿا ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين ٿري ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. مقامي ماڻھو نظر انداز ڪيا وڃن ٿا. ٿر جا روڊ رستا ۽ شھر تباه آھن، ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر ڪپڻ جو ڪم لڪ ڇپ ۾ هلي پيو چائنه ڪلي ۽ ٻي معدنيات مقامي وڏيرن جي ملي ڀڳت سان کنيو پيو وڃي. اڳواڻن چيو تہ ٿر جا ماڻھو وڌيڪ محنتي آھن پورهيت آھن پر انهن جو پورهيو ٻيا کايو ٿا وڃن اڳواڻن چيو ٿر بچايو سنڌ بچايو ڪانفرنس ڪري عوامي تحريڪ ٿري عوام کي پنهنجن حقن جي مالڪي جو سڏ ڏي ٿي. اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو تہ  عوامي تحريڪ پورهيت ۽ مظلوم طبقن جي حقن لئہ وڙھندڙ هڪ پر امن سگهارو آواز آھي. سياسي اقتداري پارٽيون اقتدار جي چڪر ۾ عوام کي بي وقوف ڪري پنهنجا مفاد پيارا ڪن ٿيون پر عوامي تحريڪ سدائين پورهيتن سان گڏ بيٺي آھي. اڳواڻن چيو ته اسين ٿر جي عوام سميت سول سوسائٽي، ليکڪن اديبن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن کي هن شاندار ڪانفرنس ۾ شرڪت جو سڏ ڏيون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.