ڪوٽڙي ۾ غير ملڪي نوجوان اسٽور مالڪ کان 5 هزار ٺڳي ويو

ڪوٽڙي (ت ر ) ڪوٽڙي غير ملڪي نوجوان ميڊيڪل  اسٽور واري سان ٺڳي، پنج هزار رپيا ٺڳي ڪري کڻي ڀڄي ويو. غير ملڪي نوجوان جي ٺڳيءَ جي سي سي ٽي وي وڊيو به منظر عام تي اچي وئي. نوجوان اسٽور واري کان دوا خريد ڪري پنج هزار رپين جو نوٽ ڏيڻ بدران بقايا وررل پئسا ساڻ ڪري هليو ويو. نوجوان دوا خريد ڪري پهرين پنج هزار جو نوٽ ڏئي بقايا پئسا ورتا. ڪجھه دير بعد نوجوان دوا واپس ڪري پنج هزار رپيا واپس وٺي بقايا پئسا به پاڻ سان گڏ کڻي ويو. ڳالھ سمجھه ۾ اچڻ تي اسٽور واري نوجوان جو پيڇو ڪري کيس بابا صلاح الدين جي مزار وٽ کيس پڪڙڻ جي  ڪوشش ڪئي. غير ملڪي نوجوان هاٿا پائي ڪري موٽر سائيڪل تي فرار ٿي وڃڻ  ڪامياب ٿي ويو، اسٽور مالڪ فرحان موجب غير ملڪي نظر ايندڙ نوجوان کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪيم پر مزار وٽ بيٺل پوليس اهلڪار کيس ڇڏائي ڀڄائي ڇڏيو. ڪوٽڙي پوليس موجب اسٽور مالڪ جي شڪايت تي نوجوان جي ڳولها شروع ڪري ڇڏي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.