سينگارنوناري جي بازيابي لاءِ رينجرس کي ٻيهر نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ سينگارنوناري جيبازيابي لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران هڪ دفعو ٻيهر رينجرز سميت ٻين اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته معاملو سنگين آهي، جلد کان جلد جواب جمع ڪرايو وڃي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 29 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار فوزيا سينگار پنهنجي موقف ۾ چيو ته ڪيترائي ڏينهن ٿي ويا آهن پرهن وقت تائين ان جو ڪو پتو نه آهي، منهنجي مڙس جي جان کي خطرو آهي ان کي آزاد ڪرايو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.