چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ق جي اڳواڻ مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن موجب وزير اعظم مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ هن کي آبي وسيلن واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويندو.

مونس الاهي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو جنهن کان هو حلف کڻندو.

مونس الاهي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 69 گجرات 2 مان قومي اسيمبلي ميمبر چونڊجو هو ۽ هو پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جو پٽ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.