ڪي پي ڪابينا نواز شريف ڪڊني اسپتال جو نالو تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ڪابينا سوات جي نواز شريف ڪڊني اسپتال جو نالو تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ڪابينا اجلاس کان پوءِ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي سڌُ سماءَ بابت صلاحڪار ڪامران بنگش ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قانون جي موجب جيئري فرد جي نالي سان سرڪاري اداري کي نٿو سلهاڙي سگهجي.

هن چيو ته چائلڊ پروٽيڪشن ايڪٽ جي تحت سزائون ۽ ڏنڊ وڌائڻ لاءِ ڪميٽي بڻائي آهي، ڪميٽي سزائون ۽ ڏنڊ وڌائڻ بابت رپورٽ پيش ڪندي، ڪابينا خيبرپختونخواهه روينيو اٿارٽي جي سالياني رپورٽ جي منظوري ڏيندي.

ڪامران بنگش جو چوڻ آهي ته ڪابينا صوبي جي يونيورسٽين جي مالي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي بڻائي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.