ٽنڊو غلام حيدر تعلقو اقتدار ڌڻين کان وسري ويو، سالن کان ڪا اسڪيم نه ملي

ٽنڊوغلام حيدر تعلقو اقتدار ڌڻين کان وسري ويو سموري تعلقي جي يوسين يوسي نصير خان چانگ،يوسي يوسف خان چانگ،يوسي جمال الدين لاشاري،يوسي صوڀو خان چانڊيو،يوسي غلام شاھ باگراڻي،يوسي ڏندو سميت يوسي نظرپور ۾ ورهين کان ترقياتي اسڪيمون نه ملي سگهيون جڏھن ته ڄاڻايل يوسين ۾ واٽرسپلائي اسڪيمون،ڊرينيج سسٽم جو نظام بهتر نه هجڻ سبب رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا، يوسي نصير خان چانگ،يوسي يوسف خان چانگ،يوسي جمال الدين لاشاري جي اڪثر علائقن ۾ جر جو کارو پاڻي هجڻ سبب ڪيترائي ماڻهو ڪاري سائي،کنکھ،الٽي،دست،خارش سميت چمڙي جي خطرناڪ بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا،جڏھن ته فاضل ٽائون،پيپلزڪالوني،شانتي ننگر،سونا نگر سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند آهي ،شهري،عورتون،مرد ڏورانهن علائقن مان پاڻي ڀرڻ لڳا ، شهرين پاران بار بار احتجاجن باوجود ڪامورن ڪو ڌيان ئي نه ڏنو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.