بحريه جي والار خلاف ٿيندڙ احتجاج، ڳوڙها آڻيندڙ گئس سان ليس اهلڪار مقرر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بحريه ٽائون آڏو رٿيل احتجاج  واري ڏينهن  150 کان وڌيڪ اھلڪار مقرر ڪرڻ جي هدايت   ڪئي وئي آهي.

ڪنھن به اڻوڻندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ ٽن ايس ايس پيز جي سربراھي ۾ 150 کان وڌيڪ اھلڪار مقرر ھوندا، جنهن بابت ڊي آئي جي اوڀر ثاقب اسمائيل ميمڻ پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي،

نوٽيفڪيشن موجب اھلڪار 10 گيس گن ۽ 500 گيس شيلز سان ليس ھوندا، واٽر ڪينن به بحريا ٽائون پھچائڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته  فارينزڪ موبائيل ٽيم به موجود ھوندي،.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.