ڌاٻيجي: فارم هائوس مان 32 ورهين جي ناري جوتشدد ٿيل لاش هٿ

ڌاٻيجي ويجهو پمپ ڀرسان فارم هاوس مان 32ورهين جي ناري زينت خاصخيلي جو تشدد ٿيل لاش مليو ،مقامي پوليس پهچي ڪري لاش پنهجي تحويل  ۾ وٺي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، ان موقعي تي فوت ٿيل عورت جي ڀيڻ جمي خاصخيلي ٻڌايو ته گذريل سال پهرين بٺورو واسي جمال ملاح سندس ڀيڻ زينت سان پسند جو پرڻو ڪيو هو گذريل رات دير سان ان جو مڙس جمال ملاح منهنجي گهر اچي اهو چيو هو ته تنهجي ڀيڻ چاڪ ناهي جنهن کان پوء آئون اتي پهتيس ته جمال ملاح گهر کي ٻاهران ڪنڊي لڳائي فرار ٿي ويو ، ھن وڌيڪ الزام مڙھيندي چيو ته اسان جي ڀيڻ زينت کي سندس مڙس جمال ملاح تشدد ڪري قتل ڪيو آھي جڏھن ته جمال ملاح مقامي فارم هاوس تي چوڪيداري طور پورهيو ڪندو هو،  لاش ملڻ کان هو پوء فرار ٿي ويو آھي،  ايس ايڇ او ڌاٻيجي غلام علي لاکو ٻڌايو ته وارثن جا بيان ورتا ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ وارثن سان انصاف ڪيو ويندو

رپورٽ_ مقصود جوکيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.