”ٽئنڪرن ذريعي پاڻي ڏئي ٿا سگهو ته لائنن ۾ ڇو ناهي“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ بابت درخواست تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي رپورٽ غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏي.

ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڄي شهر ۾ صاف پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي، جڏهن ٽئنڪرن ذريعي پاڻي ڏئي سگهو ٿا ته لائنن ۾ ڇو نٿا ڏئي سگهو؟ شهرين کان پاڻي جا بل ته وصول ڪيو ٿا پر پاڻي نٿا ڏيو.

درخواست گذار جي وڪيل چيو ته آڪٽوبر 2019 ۾ عدالت روفي سويٽ هوم اسڪيم 33 ۾ پاڻي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ٻه سال گذرڻ باوجود علائقي واسي پاڻي جي ڦڙي لاءِ سِڪي رهيا آهن.

جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته پاڻي جو مسئلو سڄي شهر جو آهي.

عدالت ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي رپورٽ غير تسلي بخش قرار ڏيندي ٻن هفتن ۾ عدالتي حڪم تي عمل جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ کي به طلب ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.