ڪنري ۾ زميني تڪرار تان ڇڪتاڻ، ڌريون مورچابند، خونريزي جو خدشو

ڪنري (ت ر) ڪنري ڀرسان چيل بند اسٽاپ وٽ زمين جي مالڪي تان ساند برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪافي عرصي کان ھلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو آھي. زمين جي مالڪي جي تڪرار تان ھڪ ڌر جي ماڻھن طرفان مبينا  طور تڪرار ھيٺ آيل زمين تي ھٿياربند ويھاري ڇڏيا آھن، ان حوالي سان ھڪ ڌر جي ماڻھن گلاب ساند، محمد اقبال ساند، نفيس احمد ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي الزام ھنيو ته ڄاڻايل زمين اسان جي آھي جنھن جا کاتا ۽ رجسٽريون به اسان وٽ موجود آھن پر ان جي باوجود رفيق ساند وارن بااثرن جي پٺڀرائي سبب اسان جي زمين تي قبضو ڪري ھٿياربند ويھاري ڇڏيا آھن. ھنن چيو ته ڄاڻايل زمين تي اسان ڪڻڪ، اسپنگر ۽ ٻيو فصل پوکيو آھي جيڪو تيار پڻ ٿي ويو آھي ۽ ھاڻ سامھون ڌر وارا اسان جي فصل تباھ ڪري رھيا آھن، ھنن الزام ھڻندي چيو ته اسان ڪورٽ مان پروٽيڪشن آرڊر پڻ ورتو آھي پر ان جي باوجود پوليس عدالتي حڪمن کي ٿڏيندي اسان کي تحفظ ڏيڻ بدران چيل بند پوليس پوسٽ جو انچارج ۽ ٻي پوليس سامھون ڌر کان رشوت وٺي اسان جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي. ۽ ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ ٻين وس وارين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ ڏيئي قبضو ختم ڪرايو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ھوڏانھن ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آھي ۽ ڪنھن به وقت رتوڇاڻ جو خدشو پيدا ٿي سگھي ٿو. پوليس پاران ڪابه ڪاروائي سامھون ناهي اچي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.