رمضان اسپيشل ريسيپي: مزيدار چڪن شاشلڪ رول

افطار جو وقت هجي ۽ مزيدار رول ۽ سموسا موجود نه هجن ته ڪجهه گهٽتائي محسوس ٿيندي آهي ۽ رمضان ۾ ٻاهر جو کاڌو به گهٽ کايو ويندو آهي.

چڪن شاشلڪ رول جي ان ترڪيت سان مزيدار رول آساني سان گهر ۾ تيار ڪري سگهجن ٿا.

شيون:

ڊبل روٽي: 12 سلائس، ڪنارا ڪٽي پاڻي ۾ ڀڄائي چڱي نموني نپوڙي ڇڏيو

شملا مرچ: هڪ عدد ڪيوبز ۾ ڪٽي وٺو

ساوا مرچ: 2 چمچا، سنهڙا ڪٽيل

لوڻ: هڪ چمچو

تيل: تَرڻ لاءِ

بريڊ ڪرمز: هڪ ڪوپ

چڪن جو قيمو: هڪ ڪوپ

ادرڪ ۽ ٿوم جي پيسٽ: هڪ کائڻ جو چمچو

ڪارا مرچ: اڌ چانهه جو چمچو (پيسيل)

بصر: اڌ ڪپ ڪيوبز ۾ ڪٽيل

ڪيچپ: اڌ کان هڪ ڪوپ

آنا: 2 عدد، ڦيٽيل

ترڪيب:

ڪڙاهي ۾ تورڙو تيل وجهي ان ۾ اُٻريل ڪڪڙ جي گوشت جو قيمو وجهي فرائي ڪيو.

ٽن منٽن کان پوءِ بصر، ڪارا مرچ، ساوا مرچ ۽ شملا مرچ به شامل ڪيو.

جڏهن ڀاڄيون نرم ٿي وڃن ته ڪيچپ وجهي 3 کان 4 منٽن تائين فرائي ڪري لاهي وٺو.

هاڻ ان مڪسچر کي هڪ سلائس کڻي فلنگ ڪيو ۽ رول ٺاهيو.

انهن رولز کي بيضن ۾ ٻوڙي بريڊ ڪرمز هڻي ڊيپ فرائي ڪيو.

فرائي ڪرڻ کان پوءِ هلي گارلڪ ساس سان گڏ پيش ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.