سوڀوديرو: ٿيليسيميا مريضن لاء رت جو عطيو گڏ ڪرڻ لاء گڏجاڻي

سوڀوديرو لڳ ڳوٺ ٻنڊي موٽايو ۾ پ پ تعلقي سوڀوديرو جي صدر اعجاز احمد کھڙو جي رھائش گاه تي ٿيليسيميا مريضن لاء رت جو عطيو گڏ ڪرڻ لاء گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنھن ۾ فاطميہ فائونڊيشن شھيد بينظير ڀٽو ٿيليسيميا سينٽر جي ورڪرن مجاھد علي وڌو خالد حسين ڪلھوڙو غلام حيدر کوسو پ پ سوڀوديرو جي عھديدارن مير نظر عرف مير لکي ٽالپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مجاھد وڌو چيو ته شھيد راڻي ۽ شھيد ڀٽو جي سياست جو محور عوام جي خدمت ڪرڻ آھي اسان شھيدن جي نظرئي تي ھلندي ٿيليسيميا مريضن لاء رت جو عطيو گڏ ڪيون پيا هن چيو ته انسان ذات جي خدمت کي  اسان لاء عبادت سمجهون ٿا، تمام جلدي سوڀوديرو تعلقي جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ رت جي عطيي لاء ڪيمپون لڳايون وينديون

رپورٽ_ اورنگزيب پيرزادو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.