وزير اعظم سينيٽ اندر پارٽي کي ووٽ نه ڏيندڙن کي اين آر او  ڏئي ڇڏيو: ناصر حسين شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سڌُ سماءَ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وفاقي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته حڪومت جي جن ماڻهن سينيٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي ووٽ ناهي ڏنو، وزير اعظم انهن کي اين آر او ڏئي ڇڏيو.

هن چيو ته وزير اعظم اعتماد جو ووٽ وٺي پنهنجي پاور ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پر سينيٽ ۾ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ کي اڪثريت حاصل آهي.

هن چيو ته پي ڊي ايم جو اميدوار ئي سينيٽ چيئرمين بڻجندو ۽ پنهنجي اميدوار جي لاءِ حمايت حاصل ڪرڻ ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ جي ڊي اي وٽ به وينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.