ڳڙهي ياسين جي واپڊا عملي ۽ مهر برادري ۾ڇڪتاڻ ختم

ڳڙهي ياسين (ن ع آ) ڪجهه ڏينهن اڳ ڳڙهي ياسين گرڊ اسٽيشن ٻاهران ٻانڀيهڙ ۾ 11 هزار بجلي جي هيٺ لڙڪندڙ  تارون ۾ عابد علي مهر جي مينهن وچڙي مري وئي هئي ، جنهن جون الزام ايس ڊي او واپڊا ڳڙهي ياسين تي هنيو ، اهڙي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڌرين اڳوڻي ٽائون چيئرمين ڳڙهي ياسين آغا شجاع الدين خان دراني وٽ ڪوٽ دراني ۾ ڳالهيون رکيون ، آغا شجاع الدين خان دراني ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون ، ان موقعي تي عابد مهر پاران ايس ڊي او ڳڙهي ياسين ذوالفقار نوناري کي گولودڙو فيڊر مان رشوت ۽ بلن جي ادائگي بابت ساک ڏني جنهن تي ايس ڊي او ساک کڻي چيو ته گولودڙو فيڊر منهنجي انڊر ۾ نه آهي جڏهن ته اسان نه رڪوري ڪندا آهيون نه ئي بل وصول ڪندا آهيون جنهن کان بعد ۾ عابد مهر وارن آغا شجاع الدين خان دراني جي ڪري انهن کي مينهن بخش ڪري ڇڏيو ، عابد مهر چيو ته گولودڙو فيڊر جون تارون اسان جي گهرن مٿان هيٺ لڙڪن ٿيون جنهن جي ڪري اسان جون ڪافي ڀيرا چوپايو مال مري ويو آهي جڏهن ته ڪجهه گهرن کي باهه پڻ لڳي هئي ،  ان موقعي تي واپڊا هائڊروليڪ يونين جي چيئرمين لالا سهيل احمد ، ايس ڊي او خانپور هوش محمد سيٺار آغا شجاع الدين دراني کي يقين دياني ڏياري ته اسان پرسنل ليول تي هڪ مهيني جي اندر ڪوششون وٺي ٻانڀيهڙ ۾ هيٺ لڙڪندڙ تارن کي مٿي ڪري نوان پول لڳرائينداسين جئين ڪوبه جاني يا مالي نقصان نه ٿي سگهي ، ان موقعي تي آغا شجاع الدين خان دراني ڌرين کي ڀاڪر پارائي کيرکنڊ ڪيو ويو.

حيدرآباد ۾ اسٽال هٽائڻ خلاف پورهيت جو انتظاميا خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ قدم گاهه جي احاطي مان تبرڪات جو اسٽال پٽي بي دخل ڪرڻ خلاف اسٽال جي مالڪ 82 سالن جي پيرسن ناليواري عملي ادبي شخصيت شاهد نظامي اڪبر آبادي ڪالهه قدم گاهه انتظاميا ۽ فورٽ ٿاڻي جي پوليس خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامھون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شاهد نظامي چيو تھ گذريل پهرين محرم الحرام تي انجمن اماميا جي اڳواڻ اسٽال تان بي دخل ڪري سامان تي قبضو ڪري کيس بي روزگار ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڄاڻايل واقعي بابت حد جي فورٽ ٿاڻي تي ويس پر پوليس ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته هو بلديا اعليٰ حيدرآباد جو ڪرائي دار آهي ۽ بلديا کي گذريل ڪيتري عرصي کان باقائده ڪرايو ادا ڪري رهيو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.17

يوسي  ملهه جي ڊسپوزل کي ٺاهيو وڃي:سماجي اڳواڻ

کوکراپار ( ن ع آ) ملير جي سياسي سماجي اڳواڻ يونس اي ڪي خاصخيلي چيو آهي ته يوسي ملهه جي ڊسپوزل جو وزٽ ڪرڻ بعد 5 ڏينهن گذري ويا آهن پر هن مهل تائين ڪوبه ڪم نه ڪيو ويو آهي علائقي جي عوام ايمرجنسي جي بنياد تي ڪم ڪرڻ جو چيو هو ڇو ته ڊسپوزل خراب هجڻ سبب سڄو علائقو متاثر ٿيو آهي ۽ گٽر جا مين هول گندي پاڻي سان ڀرجي ويا آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن ملير جي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو سندس وڌيڪ چوڻ ھو ته انتظاميا صرف دورا ڪري عوام کي لالي پاپ ڏئي رهي آهي ڪجهه ماڻهن بجاءِ باقي غريب عوام کي پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمنٽ عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي غريب ماڻهن جي زندگي عذاب بڻجي آهي ھن چيو تہ ڪيترن ئي ڏينهن کان گٽر جو گندو پاڻي ماڻهن جي گهرن، گهٽين ۾ جمع ٿي ويو آهي ۽ نااهل عملدار مسئلا حل ڪرڻ بدران عياشين ۾ مصروف آهن ھن اعليٰ اختيارين ۽ پيپلز پارٽي ملير جي قيادت کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته چيف انجينئر پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمنٽ ۽ اسٽاف خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

مقصودي رند ڀرسان سخي سلطان جو ساليانو عرس پڄاڻي تي پهتو

مقصودو رند(ن ع آ)مقصودو رند ۾ مشھور اولياءَ بزرگ سخي سلطان فقير لاشاري جي سالياني عرس مبارڪ جون تقريبون چار ڏينھن جاري رھڻ بعد پڄاڻي تي پهتيون آخري ڏينهن تي شاندار ملاکڙو ملھ جا دلچسپ مقابلا ڪامياب ملھ پهلوانن ۾ رند برادري جي معزز شخصيت ۽ پ.پ اڳواڻ حقير حضوربخش رند ڪيش انعام ڏنا خبر موجب مقصودو رند ۾ چئن ڏينھن کان جاري مشھور اولياءَ بزرگ سخي سلطان فقير لاشاري جي سالياني عرس مبارڪ جون تقريبون پڄاڻي تي پهتيون عرس مبارڪ ۾ مبارڪ ۾ شاندار ملاکڙو ٿيو ملاکڙي جي صدارت رند برادري جي معزز شخصيت ۽ پ.پ اڳواڻ حقير حضوربخش رند ڪئي ان موقعي تي حقير حضوربخش رند ملاکڙي ۾ پھتو تہ سندس مٿان گلن جي ورکاء ڪري شاندار آجيان ڪئي وئي جڏھن ته ملاکڙي ۾  مشھور ملھ پھلوانن پسند لنڊ . محمد خان رند .ولي داد شر .غلام حسين رند . حضوربخش زرداري . محمد امين .مختيار زرداري ۽ ٻين زور آزمائي ڪئي.

عوامي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن: ڊي سي گهوٽڪي

گهوٽڪي ( ڊ ر )  ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي چيو آهي ته عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، سمورا سرڪاري ملازم ڪم ڪار سانگي افيسن ۾ ايندڙ اٻوجهه ماڻهن سان مثبت رويو اختيار ڪن، ڪنهن کي به شڪايت جو موقعو نه ملڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظها هن پبلڪ پارڪ اوٻاوڙو ۾ منعقد ڪيل کلي ڪچهري کي خطاب ڪندي ڪيو. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ،، ماڻهن جا مسئلا معلوم ڪرڻ خاطر پبلڪ پارڪ اوٻاوڙو ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مسطقيم قريشي، اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو ۽ مختيارڪار سميت تعليم، صحت، سماجي فلاح، پوليس، زراعت توڙي آبپاشي کاتي جي عملدارن ۽ عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته اوٻاوڙو ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪرڻ جو مقصد عام ماڻهن جا مسئلا ٻڌي موقعي تي ئي حل ڪرڻ آهي، هن چيو ته سمورن کاتن جي عملدارن جو بنيادي فرض آهي ته هو عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪن . ان سلسلي ۾ مختلف شڪايتون کڻي ايندڙ عام ماڻهن سان بهتر رويو اختيار ڪيو وڃي ته جيئن علائقي واسين جون مشڪلاتون گهٽجي سگهن. ڊپٽي ڪمشنر عوام کي اپيل ڪندي چيو ته هو ڪنهن به سرڪاري ملازم کي رشوت نه ڏين جيڪڏهن ڪو ملازم رشوت طلب ڪري ته ان جي نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن اهڙن ملازمن خلاف ڪارروائي ڪري گهجي. کلي ڪچهري دوران ڊپٽي ڪمشنر موقعي تي ئي درجنين ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ بابت  لاڳاپيل عملدارن کي سختي سان هدايتون جاري ڪئي ۽ شڪايتن جو ازالو ڪري رپورٽ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.