ڀريا سٽي : مرزا شاخ ۽ سونڌڻ مائنر تان ناجائز اڏواتون هٽائڻ لاءِ آپريشن

ڀرياسٽي ويجھو ڳوٺ ڪوڙو ميمڻ ۾سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي ايريگيشن انجنيئر مورو سب ڊويزن طارق احمد ڪيھر ۔ ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ پوليس طارق رزاق ڌاريجو ،  ايس ايڇ او اسماعيل زرداري ايس ڊي او ڀريا احمد خان ڪاڪيپوٽو  جي اڳواڻي ۾ مرزا شاخ ۽ سونڌڻ مائنر تان ناجائز اڏواتن خلاف وڏي پوليس اٽالن ۽ رينجرز  سان گڏ بلڊوزر ۽ ڪرين ذريعي آپريشن ڪري  ڪيترائي گھر ڊآهي پٽ ڪري ڇڏيا ۔ ان موقعي تي  ڳوٺاڻن چيو ته اسان غريب مسڪين آهيون ،  پورھيو ڪري اجھا ٺاھيا ھئا جيڪي حڪومتي مشنيري ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا آھن ۔ ان سلسلي آبپاشي انجنيئر طارق احمد ڪيهر ۔۽  ايس ڊي او احمد خان ڪاڪيپوٽو  ۽ ٻين  آفيسرن ٻڌايو ته سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي سرڪاري زمينن تان ناجائز قبضا ختم ڪرائي رھيا آھيون

رپورٽ- مجيد ڪيريو

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.