محمد عامر ٽيم ۾ واپسيءَ جي خبرن تي وضاحت ڏئي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فاسٽ بالر محمد عامر قومي ٽيم ۾ واپسيءَ جي خبرن تي وضاحت ڏئي ڇڏي.

محمد عامر جي حوالي سان گذريل ڏينهن ميڊيا تي اهي خبرون هليون هيون ته هن رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جو اشارو ڏنو آهي ۽ ان معاملي تي پاڻ بورڊ کي آگاهه ڪندو.

هاڻ فاسٽ بالر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وضاحت ڪئي آهي ته مان رڳو ان وقت پاڪستان لاءِ دستياب هوندس، جڏهن هيءَ مئنيجمينٽ ڇڏي ويندي، تنهن ڪري پنهنجي اسٽوري کپائڻ لاءِ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ ڇڏي ڏيو.

واضح رهي ته گذريل مهيني محمد عامر ٽيم مئنيجمينٽ تي ذهني دٻاءُ وجهڻ جو الزام هڻندي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته موجوده مئنيجمينٽ ۾ موجودگي ۾ نه کيڏندس.

هوڏانهن هيڊ ڪوچ مصباح الحق ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس فاسٽ بالر محمد عامر جي الزامن جي ترديد ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.