ڀان ۾ قرض نه ڏيڻ تي دڪان کي تالا، ٻارڙن سميت احتجاج

ڀان سيدآباد  ( ن ع آ ) ڀان شيخ ۾ ننڍڙو دڪان هلائي ٻچن جو پيٽ پاليندڙ پورهيت وزير احمد ڪنڀر معصوم ٻارڙن سميت پريس ڪلب ڀان پهچي ٿرديپ ۽ بااثر شخص جي زيادتن خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ڪجه وقت اڳ غربت سبب روزگار ڪرڻ لاءِ ٿرديپ کان قرض کنيو هئم، جنهن جي ماهوار 30 کان 40 هزار قسط جمع ڪرائيندو رهيس، جڏنهن ته لاڪ ڊائون سبب قسط نه ڏئي سگهيس ته ٿرديپ ۾ قسط کڻي ڏيندڙ ضامن مولابخش مغل رات دير سان منهنجو ننڍڙو دڪان کي لڳل منهنجا تالا ٽوڙي ۽ پنهنجا تالا هڻي ڇڏيا ، ۽ جڏنهن مون ضامن کي چيو ته دوڪان کي تالا چو هنيا آهن ته ضامن چيو ته  ٿرديپ جي چوڻ تي دڪان کي تالا هنيا آهن، ان چيو ته انهي ننڍڙي دوڪان مان ٻچن جي گذر سفر ڪندو آهيان ، اهو دوڪان ٻچن جي گذر سفر جو ذريعو آهي ،اڄ دوڪان بند هجڻ سبب گهر جو ڇله ٻري نائي سگهيو . ، ان چيو ته مان 2 ويلا ماني کائڻ جو طاقت نائي ، غربت سبب فاڪه ڪشي ۾ مبتلا ٿي ويو آهيان ،  ان چيو ته  ڀان ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي پر پوليس انصاف ڪرڻ بدران مون کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، ان چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏنهن مون مسڪين سان انصاف نه ٿيو ته 20 جنوري تي پريس ڪلب آڏو پاڻ ساڙيندس، ذميوار ڀان پوليس، ضامن ۽ ٿرديپ ذميوار هوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.