سڪرنڊ ۾ بنا نقشي جي تعمير ٿيندڙ جڳهيون سيل

سڪرنڊ ( ن ع آ )  سڪرنڊ شهر ۾  بنا نقشي غير قانو تعمير ٿيل 12 جڳهيون ۽ گهر سيل، جڳهه مالڪن کي ڪافي دفعا نوٽيس ملڻ  باوجود نقشو پاس نه ڪرايو هو. جنهن سبب اڄ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊيموليشن عمران حسين، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عمران خان ڀنگوار، بلڊنگ انسپيڪٽر شفقت علي ڀٽي، اقبال جلباڻي ، محمد خان ملاح پاران سڪرنڊ جي مختلف ڪالونين خانزاده محلا ،اصغر ڪالوني ،علي حيدر ڪالوني، مصطفي سٽي، عظيم ڪالوني، محرابپور روڊ تي ڪاروايون ڪري  غير قانوني ۽ بغير نقشي تي ٺاهيل 12 بلڊنگون ۽ جڳهن کي سيل ڪري بند ڪيون ويون آھن.  ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بلڊنگ عمران ڀنگوار چيو ته ڪافي دفعا بلنڊنگ ٺهرائيندڙن کي نقشو پاس ڪرائڻ لاءِ نوٽيس ڏنا پر جڳهه مالڪن ان تي عمل نه ڪيو جنهن سبب مجبورن انهن جون جڳهيون سيل ڪري جڳهين تي نوٽيس هنيا ويا آهن. فوري طور تي نقشا پاس ڪرايا وڃن ان بعد هو پنهنجي جڳهين جو وڌيڪ ڪم جاري رکي سگهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.