جهڏي واسي نوجوان دبئي مان گم، وارث پريشان

جهڏو (ن ع آ ) جهڏو جي پورهيت خاندان جو بااثرن خلاف احتجاج ڪيو ميگھواڙ پاڙي جي رهواسي آڻندو، ۽ سندس گهر واري  شانتي ٻائي ميگھواڙ معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته منهنجو پٽ راجو ميگھواڙ هڪ سال اڳ دبئي ۾ مزدوري ڪندو هو اتي ملتان واسي توسيف نالي ماڻهو جي چوڻ تي هن سنڌ جي مختلف شهرن مان نوجوانن کي دبئي موڪلڻ بهاني 22 لک رپيا وٺي جاڻايل ماڻهو کي ڏنا رقم وٺڻ بعد توصيف نالي شخص فراڊ ڪري گم ٿي ويو آهي ۽ منهنجو پٽ راجو پڻ هڪ مهيني کان گم آهي جنهن جو ڪو به پتو نه آهي، هن چيو ته منهنجي پٽ مختلف نوجوانن کان رقم وٺي فراڊي شخص کي ڏني پر هاڻي مختلف ماڻھو رقم وٺڻ لاءِ مونکي پوليس ذريعي پريشان ڪري رهيا آهن، آئون موچي جو ڪم ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو آهيان تنهڪري ماڻهن کي ايتري ڳري رقم ڏيڻ جي سگهه نه آهي، هن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان اپيل ڪئي آهي ته تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.