فوج کي وضاحت ڏيڻي پوندي، ڌر بڻي ته جي ايڇ ڪيو آڏو ڌرڻو ضروروي هوندو: فضل الرحمان

مالاڪنڊ(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه ۽ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي صدر مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ڊي ايم 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آڏو مظاهرو ڪندي. مالاڪنڊ جي  علائقي بٽه خليه ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب دوران هن چيو ته فوج کي وضاحت ڏيڻي پوندي، ڌر بڻي ته جي ايڇ ڪيو آڏو ڌرڻو ضروروي هوندو . هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر چانهه پاڻي جو چوي پيو، اسان چئون ٿا ته اوهان پاپا جونز جا پيزا کائو ۽ اسان چانه پاڻي اها مهمان نوازي ناهي. صوبن جي عوام ۽ هنن جي حقن سان گڏ بيٺا آهيون. هن تحريڪ انصاف جي حڪومت کي مخاطب ڪري چيو ته هن حڪومت ڪرپشن جا دروازا کولي رکيا آهن ۽ قومي احتساب بيورو  کي اِهو نظر نٿو اچي. مولانا فضل الرحمان چيو ته توهان جو اقتدار اسرائيل، ڀارت قاديانين جي پيسن سان آهي ۽ پوءِ چئو ٿا ته توهان محب وطن آهيو. هن چيو ته پي ڊي ايم، اسلام آباد ۾ 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو مظاهرو ڪندي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 21 جنوري تي ڪراچي ۾ اسرائيل نامنظور جي لاءِ ملين مارچ ٿيندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته ان کان اڳ جو عوام توهان جي اقتدار جي ٻيڙي کي غرق ڪري ڇڏي، ڪجهه ڏينهن باقي آهن پاڻ ئي استعيفيٰ ڏئي هليا وڃو. سندس چوڻ هو ته آئين ۽ صوبن جي حقن جي خلاف سازشون ٿي رهيون آهن جڏهن ته معيشت پشاور ۾ بي آر ٽي جيان تباهه ٿي وئي آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان رت جي سياست نٿا مڃڻ چاهيون پر اسان توهان کي توهان جي ذميواري جو احساس ڏيارڻ چاهيون ٿا. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته مالاڪنڊ جي هر شهري جو هڪ ئي مطالبو آهي ته سليڪٽڊ هليو وڃي جيڪو ملڪ کي معاشي بحران ڏانهن ڌِڪي رهيو آهي جڏهن ته هٿ ٺوڪئي ۽ سليڪٽڊ راڄ جو خاتمو ۽ جمهوريت کي بحال ڪنداسين.مالاڪنڊ جي بٽ خليه ۾ حڪومت مخالف سياسي پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي کي خطاب دوران هن چيو ته مالاڪنڊ جي عوام اڄ پاڪستان کي پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. بلاول ڀٽو زرداري حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته تبديلي جو نعرو هڻندڙ سڀ ڌوکي باز آهن جن کي حڪومت هلائڻ ئي نٿي اچي پر تبديلي جو نعرو هڻي عوام کي ڌوکو ڏنو هن مالاڪنڊ جي عوام کي شاهد بڻائي چيو ته هٿ ٺوڪئي ۽ سليڪٽڊ راڄ کي ختم ڪنداسين ۽ حقيقي جمهوريت بحال ڪنداسين.هن سوال کنيو ته وزير اعظم عمران خان مچ سانحي جي وارثن کي بليڪ ميلر قرار ڏئي ڇڏيو، اِهو ڪهڙي قسم جو انصاف آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.