ميرپورماٿيلو: ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلي لڳ حيات پتافي ۾ ڳوٺاڻن پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

جروار ٿاڻي جي ڳوٺ مريد خان خُشڪ جي رھواسڻ پيرسن عورت  غلام سڪينا ڀاء نادر خشڪ سان گڏ پريس ڪلب پھچي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته  بااثرن سلطان ۽ غلام ياسين خشڪ سندن 3 ايڪڙ زمين جو ڪوڙو کاتو ٺهرائي قبضو ڪيو هو . عدالت پاران حق ۾ فيصلو ٿيڻ باوجود جوابدار سلطان ۽  ياسين خشڪ ساٿين سان گڏجي ٻيهر  زمين تي قبضو ڪري قتل ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ فاسائڻ جو ڌمڪيون ڏئي هيسائي رهيا آهن جڏهن ته پوليس به بااثرن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪري رهي.

متاثرن مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جروار ٻڌايو ته قبضي بابت کيس ڪو به  اطلاع ناهي مليو  مسڪينن سان زيادتي ٿيڻ نه ڏبي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.