اداڪارا ڪنزا هاشمي جي ”ليڪ ويڊيو“ جاري

 

ڪراچي (ويب ديسڪ) پاڪستاني ڊرامن جي ڄاتل سڃاتل اداڪارا ڪنزا هاشمي جي نئين مختصر فلم ”ليڪ ويڊيو“ جاري ڪئي وئي آهي.

ڪنزا هاشمي جي نئين مختصر فلم ”ليڪ ويڊيو“ جي هدايتڪاري عابص رضا ڏني آهي، جڏهن ته فلم جي ڪهاڻي هڪ سماجي مسئلي جي چوڌاري گهمي ٿي.

فلم جو دورانيو 13 منٽ ۽ 20 سيڪنڊن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙي ڇوڪري کي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن کان ان جو مڱيندو غير مناسب تصويرن جو مطالبو ڪندو آهي.

پنهنجي فلم بابت اداڪارا ڪنزا هاشمي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ به شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ”مختصر فلم ليڪ ويڊيو ڏسو، اها ڏسڻ کانپوءِ توهان سوشل ميڊيا تي ڪجهه به پوسٽ ڪرڻ کان اڳ ٻيهر ضرور سوچيندئو“.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Kinza Hashmi (@kinzahashmi)

ڪنزا هاشمي جي ان فلم کي يوٽيوب تي ڏسندڙن طرفان سٺي موٽ ملي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.