ميان صاحب لڳ 4 گهرن کي باهه،لکن جو نقصان

ميان صاحب( رپورٽ مظفر ملڪ ) ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ ميرل ڪٽو ۾ اوچتو چئن گھرن کي باھ ، الھ تلھ سڙي رک ، پورھيت ميھار پنھور ،  محمد صلاح ، شاھد ۽ ڪريم پنھور جي گھرن کي باھ لڳڻ سبب سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو ، فائر برگيڊ اطلاع باوجود دير پھتي ، متاثر ڳوٺاڻن پاران حڪومت کان مدد جي اپيل ،  تفصيل موجب : ميان صاحب ڀرسان سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميرل ڪٽو جي رھواسين چئن پورھيتن ميھار پنھور ، محمد صلاح ، شاھد ۽ ڪريم پنهور جي گهرن  کي اوچتو باهہ لڳي وئي ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي تنھن باوجود باھ تي ضابطو نہ اچي سگھيو سمورن گھرن کي باھ وڪوڙي وئي جنهن ڪري پورهيت جي گهر ۾ رکيل لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي اطلاع تي شڪارپور مان فائربرگيڊ جي گاڏي پھتي تنھن مھل تائين باھ سمورن گھرن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ھوڏانھن متاثر ڳوٺاڻن ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت کان مدد جي اپيل ڪئي آهي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.