ميهڙ ڀرسان پوليس هٿان کنڀيل 2 نوجوانن جي آزادي لاءِ احتجاج

ميھڙ (ن ع آ) ميھڙ يوسي خان جي ڀرسان ڳوٺ ڪوريجي جا رھواسي ديدار علي سولنگي، عبدالفتاح سولنگي، خير محمد سولنگي، فتاح سولنگي ۽ مسمات بچل سولنگي، مسمات راڻي سولنگي ٻارڙن  ٻچن سميت ميھڙ پھچي پوليس خلاف دانھيندي چيو ته دڙي شيھڻ ٿاڻي جو انچارج ۽ سي آئي اي دادو انچارج اسان جا 2 ڄڻا رجب ۽ انور سولنگي کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي ماڻھن مٿان ڪو به ڪيس نه آهي. ڪنھن بااثر اسان جي ماڻھن کي گرفتار ڪرايو آهي اسان جي ماڻھن وٽ سوني منڊي سونو لاڪيٽ ۽ 45 ھزار روڪ رقم ھئي اھا به پوليس ھڙپ ڪري ڇڏي آهي. هنن ايس ايس پي دادو، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.