آصف زرداري جا سمورا ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا جعلي اڪائونٽس بابت سمورا 6 ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ورتا.

8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ آصف زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري آهي ۽ اڳوڻي صدر جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي 12 جنوري تي ٿيندي.

جعلي اڪائونٽس جي 2 ڪيس ۾ آصف زرداري جي بريت جون درخواستون 19 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن.

آصف زرداري جي جعلي اڪائونٽس ضمني ريفرنس خارج ڪرڻ جي 3 درخواستن تي ٻڌڻي 20 جنوري تي ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.