پي ايس ايل 2021 جي شيڊول جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ 2021ع جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ليگ جو افتتاحي ميچ 20 فيبروري تي کيڏيو ويندو، جتي دفاعي چيمپئن ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيمن ۾مقابلو ٿيندو. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ميچ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.

ايندڙ ڏينهن ايونٽ ۾ ٻه ميچون کيڏيون وينديون.

پهرين ميچ ۾ليگ جي پنجين ايڊيشن جي فائنلسٽ لاهور قلندرز ۽ ايڊيشن 2017ع جي فاتح پشاور زلمي جون ٽيمون جڏهن ته ٻي ميچ ۾ 2 ڀيرا چيمپئن اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ملتان سلطانز جون ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.