سوشل ميڊيا تي توهين رسالت جي ٽن جوابدارن کي موت جي سزا جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت سوشل ميڊيا تي توهين رسالت جي ٽن جوابدارن کي موت جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ سوشل ميڊيا گستاخ خانه مواد ڪيس جو فيصلو جج راجا جواد عباس جوابدارن جي موجودگي ۾ ٻڌايو. عدالت 15 ڊسمبر 2020ع ۾ فيصلو محفوظ ڪيو هو.

عدالت سوشل ميڊيا تي توهين رسالت جي ٽن جوابدارن ناصر احمد سلطان، راڻا نعمان ۽ عبدالوحيد کي موت جي سزا ٻڌائي جڏهن ته هڪ جوابدار پروفيسر انوار احمد کي توهين مذهب تي 10 سال قيد ۽ 1 لک ڏنڊ لاڳو ڪيو جڏهن ته چار اشتهاري جوابدارن جا دائمي گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا ويا.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته جوابدارن تي توهين رسالت ۽ توهين مذهب جو الزام ثابت ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.