مريم ۽ بلاول هزاره برادري سان ڏک ونڊڻ ڪوئيٽا پهچندا

ڪوئيٽا( م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڪوئيٽا وڃي هزاره برادري سان ڏک ونڊيندا. رپورٽ موجب بلاول سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه به گڏ هوندو. مريم نواز سان به وفد گڏ هوندو. ن ليگ نائب صدر مريم نواز هزارا برادري جي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ اڄ ڪوئيٽا وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي مريم نواز چيو ته 4 ڏينهن ۽ راتين کان سخت سيءَ ۾ هزارا برادري پنهنجي پيارن جي مڙهن سان گڏ اسلام آباد جي بي حسي کي آواز ڏئي رهي آهي، اهو اسلامي اخوت ۽ انساني همدردي جي حوالي سان اسان سڀني لاءِ شرمندگي جو سبب آهي. هوڏانهن جي يو آءِ جو وفد مولانا عبدالغفور حيدري جي اڳواڻ ۾ اڄ ڪوئيٽا پهچندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.