ڪشمور: پوليس ڏوهارين سان ڊيل ڪري 3 مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو

18 ڏينھن اڳ ڪشمور ۾ جنگڻ پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي مان اغوا ٿي ويل پڪ اپ ڊرائيور غلام ميراڻي ،13ورھين جي نينگري سائرا شيخ  ۽ 15 ورھين جي ھزاري شيخ کي پوليس ڊيل ذريعي بازياب ڪرائي ورتو . مارجي ويل ڌاڙيلن جي ساٿين پاران فون تي مقابلي ۾مارجي ويل ڏوھاري شمشاد جاگيراڻي، علي بخش جاگيراڻي جي لاشن جي وصولي لاءِ 3 مغوين جي بازيابي جي ڊيل ڪئي وئي ،  ھڪ ڏينھن اڳ دراني مھر پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ جيئند جاگيراڻي ۾ آپريشن ڪيو  ويو هو ،  جنهن دوران مقابلي ۾  ڏوھاري شمشاد جاگيراڻي، علي بخش جاگيراڻي مارجي ويا هئا، سندن ساٿين پاران انهن جي لاشن ڏيڻ جي صورت ۾ مغوين  کي بازياب ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.