گلوڪار علي ظفر به ”جيئي سنڌ“ جو نعرو هڻي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪار علي ظفر مقبول ترين بلوچي گيت ”ليلا او ليلا“ جي ڪاميابيءَ کانپوءِ سنڌي گيت جو پرومو به جاري ڪري ڇڏيو.

بلوچستان سان واسطو رکندڙ 13 ورهين جي گلوڪارا عروج فاطمه گذريل سال علي ظفر سان گڏ گلوڪاري جي خواهش ظاهر ڪئي هئي، جنهن کي علي ظفر قبول ڪندي عروج سان گڏ بلوچي گيت ”ليلا او ليلا“ ٺاهيو هو.

علي ظفر ۽ عروج فاطمه جي ان گيت کي ٻڌندڙن طرفان ڏاڍو پسند ڪيو ويو ۽ ان مقبوليت جا رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيا، هاڻ ان ئي مقبوليت کي ڏسندي علي ظفر پنهنجي مداح سان گڏ هڪ ٻئي گيت جو پرومو جاري ڪيو آهي.

گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر انسٽاگرام تي جاري ڪيل پرومو ۾ سنڌي اجرڪ سان رقص ڪندي نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته ڪيپشن ۾ علي ظفر لکيو آهي ”ليلا او ليلا“ جي ڪاميابي کانپوءِ هن ڀيري مان ۽ فاطمه اسان جي سهڻي سنڌ لاءِ ”الي“ گيت سان واپس اچي رهيا آهيون.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Ali Zafar (@ali_zafar)

علي ظفر اهو به لکيو ته ان ويڊيو ۾ هپ هاپ ريپر عابد بروهي به نظر ايندو، ان سان گڏوگڏ هن جيئي سنڌ، جيئي پاڪستان ۽ اجرڪ جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.