تلهار ۾ گئس لوڊشيڊنگ خلاف ٽئين ڏينهن به بک هڙتال

تلھار  ( ن ع آ ) تلھار ۾ گئس جي اڻ اعلانيه لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر خلاف اڄ ٽيون ڏينھن به شھرين پاران بک ھڙتال جي ڪئمپ لڳائي وئي،آچر جي ڏينھن شٽر ڊائون ھڙتال۽ قومي شاھراح مين روڊ تي ڌرڻي ھڻڻ جو شھرين پاران اعلان پڻ ڪيو ويو بک ھڙتال جي ڪئمپ تي منير احمد چانگ پ پ سٽي صدر غلام حيدر جتوئي،محمد علي شاھ،پ پ پ اڳواڻ امير حيدر خواجه،حق نواز لاشاري،پ پ جي سرگرم تعلقي عورت اڳواڻ زاھدا ڪنڀار،نورجھان دلواڻي،شبانا سوڍو پڻ شريڪ ٿيا اڳواڻن جو چوڻ ھو ته اڄ ٽيون ڏينھن گذري رھيو آھي اسان سراپا احتجاج آھيون پر سوئي سدرن گئس عملدار ننڊ پيل آهن،  ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته گئس جي جيستائين لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر وارو مسئلو حل نه ڪرائي ڏنو ويندو تيستائين اسان پنھجي احتجاج کي جاري رکنداسين ان موقعي تي شھري پراڻي ڪامريڊ نواز جتوئي آچر جي ڏينھن شھر ۾ شٽر ڊائون ھڙتال ۽ قومي شاهراهه جي مين روڊ تي ڌرڻي ھڻڻ جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.