”پي ڊي ايم جلسي بعد بلوچستان اندر ڪورونا ڪيسن ۾ 3 سيڪڙو واڌ ٿي“

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي جو چوڻ آهي ته جهڙي طرح عيدالفطر کان پوءِ ڪورونا ڪيسن ۾ اوچتو واڌ ڏٺي وئي اهڙي طرح بلوچستان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کان پوءِ ڪيسن ۾ واڌ اندر 3 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته عيد الفطر جنهن هفتي آئي هئي ان ۾ 718 ڪيس سامهون آيا هئا جڏهن ته ان کان گذري هفتي 792 ڪيس هئا پر جڏهن انڪيوبيشن پيريڊ شروع ٿيو ته عيد الفطر کان پوءِ ڪيسن ۾ 3 سيڪڙو واڌ ڏٺي وئي هئي ۽ اهڙي طرح هاڻ به پي ڊي ايم جي جلسي کان پوءِ 3 سيڪڙو واڌ ڏٺي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ جي حوالي سان فيصلو 23 نومبر تي ٿيندو تنهن هوندي ڪوشش آهي ته 15 ڊسمبر تائين تعليمي ادارا کليل رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.