ڌاٻيجي ۾سومرا برادري جي معزز حسن سومرو جي وفات تي تعزيت جو سلسلو جاري

ڌاٻيجي( ن ع آ ) سومرا برادري جي معزز ۽ اڳوڻي ڪائونسلر چاچا حسن سومرو جي وفات تي  پوئينرن سان تعذيت جو  سلسلو جاري پ پ اڳواڻ غلام قادر پليجو رئيس عبدالغني بگهياڙ ،سڪندر پنهور .فقير نبي بخش بلوچ ، غلام حسين خاصخيلي ،هوت خان ڪلمتي .شاهد مري پهچي تعذيت ڪئي.

مٽياري اسپتال جو ملازم دل جي دوري سبب فوت

مٽياري (ڊ ر) مٽياري تعلقي اسپتال جو سينيئر ملازم پنھون خاصخيلي ڪالھ صبح ڊيوٽي تي پهتو جنهن بعد 10 وڳي اچانڪ طبيعت خراب ٿي وڃڻ سبب کيس ايمرجنسي وارڊ ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران سندس علاج ڪيو پئي ويو ته سندس طبيعت اچانڪ خراب ٿيڻ سبب کيس حيدرآباد رفر ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو ڊاڪٽرن پاران سندس موت جو ڪارڻ دل جو دورو ٻڌايو ويو ضروري ڪارروائي کانپوءِ سندس مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي نماز مٽياري جي قبرستان سيد شهمير ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ان موقعي تي مٽیاري هيلٿ کاتي جي آفيسرن، ملازمن سميت شهرين جي وڏي تعداد جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.