شهباز شريف کي بڪتربند گاڏي ۾ آڻڻ تي پنجاب جو گهرو سيڪريٽري عدالت طلب

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز کي بڪتربند گاڏي ۾ عدالت آڻڻ خلاف درخواست تي پنجاب جي گهرو سيڪريٽري ۽ ايس پي سيڪيورٽي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

احتساب عدالت جي جج جواد الحسن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ شهباز شريف طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته چيلهه جي سور ۾ ورتل آهيان پر سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندي بڪتربند گاڏي ۾ آندو پيو وڃي، گاڏي جي حالت به درست ناهي، ان جي ڪري چيلهه جو سور وڌي رهيو آهي، اپيل آهي ته عدالت بڪتربند گاڏي ۾ آڻڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي.

عدالت ۾ پنجاب جي گهرو سيڪريٽري به جواب جمع ڪرايو، جنهن کي رد ڪيو ويو ۽ عدالت حڪم ڏنو ته گهرو سيڪريٽري ۽ ايس پي سيڪيورٽي 19 نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي وضاحت ڏين.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪو ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ئي ناهي، سڀ هڪٻئي تي ذميواري وجهي رهيا آهن.

عدالت شهباز شريف کي جيل ۾ طبي سهولتون نه ملڻ خلاف داخل توهين عدالت درخواست تي به وڪيلن کي بحث لاءِ 23 نومبر تي طلب ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.