گهوٽڪي ميونسپل ملازمن جي سردار کي دانهن

خانپور مهر(ن ع آ) گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي ملازمن مٺا ملڪ ۔ هدايت الله ابڙو ۔ وحيد مراد چنه سميت ٻين ملازمن  جي سردارمحمدبخش خان مهر سان خانڳڙھ ۾ مختصر ملاقات ڪري ٻڌايوته اسان اٺ سالن کان نوڪري ڪري رهيا آهيون اسان کي پ پ حڪومت ۾ روزگار ڏنو ويو هن وقت به پ پ جي حڪومت آهي اسان جون ڇهه مهينن کان اي سي گهوٽڪي پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن اسان پ پ کي ووٽ ڏنو اوهان جي ووٽر آهيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي جنهن بعد سردار محمد بخش خان مهر ملازمن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن جو مسئلو انشاء الله حل ڪنداسين  ڄاڻا ٿو تہ پگهارون نہ ٿيڻ سبب ملازمن جا چلها بند پيل آهن ذاتي مصروفيتون ۽ ڪميٽي جي هڪ ميمبر جي رٽائر ٿيڻ سبب دير ٿي آهي. ملازمن جون پگهارون جلد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس اسان ڪنهن کي به روزگار ٿيڻ نه ڏينداسين ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن  ڇھ مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف 19 ڏينهن به اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس جي مين گيٽ اڳيان احتجاج جو سلسلو جاري جنهن جو هن مهل تائين ڪو ب کڙتيل نہ نڪري سگهيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.