ميرپور خاص ۾ احساس پروگرام نالي سوين عورتن جي نالي تي سمون ايڪٽيو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص لڳ ڳوٺ ڪاڪ بنگلو جي رهواسين محمد عمران، جماعت علي، منيراحمد ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ هڪ تڪڙي پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته موبائيل ريپئر ۽ ايزي لوڊ جو ڪم ڪندڙ نديم ۽ احسان پنهنجن ٻن عورت ساٿارين سميت 7 ماڻهن ڳوٺ هڪ مهينون اڳ ڪاڪ بنگلو پهچي ڳوٺ جي اٻوجھ عورتن جن ۾ اسان جا گھر وارا پڻ شامل آهن انهن کي احساس ڪفالت جي ذريعي 12 هزار روپين جي لالچ ڏئي ڊوائيسن  تي آڱوٺا هڻائي لڳ ڀڳ 200 کان وڌيڪ عورتن جي نالن تي مختلف موبائيل ڪمپنين جون سمون ڪڍي ايڪٽو ڪرايون آهن جڏهن ته احساس ڪفالت جي نالي تي عورتن کان فارمن ۽ ٻين پنن تي صحيون وٺي روانا ٿي ويا آهن. معلومات وٺڻ تي خبر پئي ته انهن جو احساس ڪفالت سان ڪوبه تعلق ناهي معلومات ڪرڻ تي وڌيڪ انڪشاف ٿيا ته عورتن مردن تي ٻڌل هي ٽو فراڊ ڪري عورتن جي نالن سان سمون ڪڍرائي انهن سمن کي ايڪٽو ڪري وڪرو ڪن ٿا.، هنن چيو ته اسان کي اهڙي خبر پوڻ بعد اسين سخت پريشان ٿياسين ته اسان جي عورتن جي نالن سان ايڪٽو ٿيل مختلف سمون ڪنهن دهشتگردي ۾ استعمال ٿيڻ جي صورت ۾ اسان لاءِ مسئلا کڙا ٿيندا ۽ انهن سمن کي ڪو دهشتگردي جي ڪم يا ملڪ دشمني جي ڪم ۾ استعمال ڪري سگھي ٿو جنهن تي اسان حد جي سٽلائٽ ٿاڻي تي لکت ۾ شڪايت ڏني جنهن درخواست تي ٿاڻي وارن احسان ۽ نديم کي گرفتار ٿاڻي تي آندو ۽ انهن وٽان سٽلائٽ ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او سوين سمون ۽ 3 عدد ڊوائيسون هٿ ڪري کين لاڪپ ڪيو ۽ ٻي ڏينهن انهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي بجاءِ کين وڏي رشوت عويض آزاد ڪري ڇڏيو اسان پاران حد جي ٿاڻي کي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جاري ڪيل سمون رد ڪرڻ جي ڪوششن جي باوجود پوليس انهن جوابدارن خلاف ڪو ڪيس داخل ڪرڻ جي بجاءِ کين آزاد ڪري ڇڏيو هنن چيو ته بااثر جوابدار ٿاڻي مان آزاد ٿيڻ بعد اسان کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جڏهن ته اسان جي ڳوٺ جي عورتن جي نالي تي جاري ڪرايل موبائيل فون جون سمون هن وقت تائين ڪينسل نه ڪيو ويون آهن جنهن ڪري اسان جي خدشو آهي ته ڪٿي اسان جون سمون ڪنهن غلط ڪم ۾ استعمال نه ڪيون وڃن هنن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جانچ ڪرائي گرفتار ڪيل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ کين رشوت عيوض آزاد ڪرڻ ۾ ملوث پوليس عملدارن ۽ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري جاري ٿيل سمن کي بلاڪ ڪرائي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.