ٿرڪول بلاڪ ون تي پورهيتن سان زيادتين بابت عوامي آواز ۾ خبر جو وڏي وزير نوٽيس وٺي ڇڏيو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿرڪول بلاڪ ون تي مزدورن سان زيادتين بابت عوامي آواز ۾ لڳل خبر جو وڏي وزير نوٽيس وٺي ڇڏيو،ڊي سي کان رپورٽ طلب،ٿرٿلو متل،خبرموجب:ٿرڪول بلاڪ ون تي مقامي مزدرن سان  ناانصافين بابت عوامي آواز ۾ لڳل خبر جو وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سختي سان نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي ۽ ڊي سي ٿرپارڪر محمد نواز سوهو کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،ڊي سي جي حڪمن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر نويد ميراڻي بلاڪ ون تي ڪنٽريڪٽي ڪندڙ ٺيڪيدار کي طلب ڪري ورتو آهي، هوڏانهن  پورهيت نوجوان پمن ڀيل بيمار ٿيڻ بعد بستري حوالي ٿي ويو آهي، اسسٽنٽ ڪمشنر نويد ميراڻي ڳوٺ پهچي متاثر نوجوان کان بيان ورتو،جتي کٽ تي پيل نوجوان پمن ڀيل ٻُڌايو تہ مونکي بلاڪ ون تي نثار نالي ڪانٽيڪٽر لڳايو،منهنجي هينئر مسلسل طبيعت خراب ٿي پئي،آئون يارنهن ڏينهن کان اُتي بيمار هئس مونکي موڪل نہ ڏني ويئي،گهڻو بيمار ٿيڻ بعد گيٽ مان ٻاهر ڪڍيو ويو،منهنجا پئسا بہ ڪٽيا ويا آهن،اُتي بلاڪ تي مقامي نوجوانن سان وڏو ظلم هلي رهيو آهي،ڪمپنيون زيادتيون ڪري رهيون آهن،ڪير ٻُڌڻ وارو ناهي.ٻئي پاسي ڪمپني عملدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي،ياد رهي ته ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ٿري ملازمن سان اتي جا ڪانٽريڪٽر اڍنگو رويو اختيار ڪرڻ سميت زيادتيون ڪري رهيا آهن،جنهن سبب ڄاڻايل بلاڪ ون تي مقامي مزدورن سان ناانصافيون وڌي ويون آهن ،ٿرواسين عوامي آواز جي خبر تي وڏي وزير پاران ورتل نوٽيس جي آجيان ڪندي بلاڪ اندر سمورن معاملن جي انڪوائري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،جڏهن ته چائينيز وٽ مقرر ٽرانسليٽرن جو عام ماڻهن سان اڍنگو رويو سامهون اچي ٿو،جنهن جون شڪايتون عام ٿي ويون آهن،بلاڪ ون تي هن وقت تائين ٿيل ڪمن بابت ميڊيا سميت سمورا ٿرواسي مڪمل طور تي بي خبر بڻيل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.