ڪراچي ۾ گرمي جي پڄاڻي جا امڪان، سڀاڻي مينهن جي اڳڪٿي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موسمياتي کاتي سڀاڻي شهر ۾ هلڪي مينهن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

سخت گرمي کان تنگ ڪراچي واسين جي لاءِ خوشخبري آهي ته موسميات کاتي آچر جي ڏينهن شهر ۾ هلڪي مينهن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ موسم خوشگوار ٿيڻ جا امڪان آهن.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته عربي سمنڊ جي اتر اوڀر ۾ مضبوط هوا جو گهٽ دٻاءُ موجود آهي، ۽ اِهو دٻاءُ اڄ شام تائين اتر ۽ اولهه اتر ڏانهن وڌڻ کان پوءِ ڊيپريشن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، ڊپريشن جي اثر هيٺ سنڌ جي ضلعن ٿرپارڪر، ميرپورخاص، بدين، ٺٽو، عمرڪوٽ ۽ حيرآباد ۾ اڄ ۽ سڀاڻي هوائن ۽ کنوڻ ۽ گوڙ سان گڏ مينهن جا امڪان آهن.

موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڊپريشن جا اثر تيز هوائڻ ۽ بادلن جي صورت ۾ نظر ايندا، جيڪي شهر ۾ هلي مينهن جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.