ڪو به پاڪستاني غدار نٿو ٿي سگهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومتي ادارن کي صحافي فخر دراني کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  ۾ صحافي فخر دراني خلاف غداري جي الزامن جي منظم مهم ۽ هراسان ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ چيو ته ڪو به پاڪستاني غدار نٿو ٿي سگهي، فخر دراني تي ڪهڙا الزام آهن؟ جنهن تي وڪيل چيو ته فخر دراني تي ڪو به الزام ناهي پر ان جو واسطو ڀارتي آرمي جي اڳوڻي آفيسر سان ڳنڍيو پيو وڃي. وڪيل چيو ته صحافي فخر دراني جو اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه جي گهرڀاتين جي ايس اي سي پي ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين جي ڊيٽا ليڪ سان واسطو ناهي. عدالت پيمرا چيئرمين ۽ آءِ جي اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.