اعجاز جکراڻي جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جي درخواست، جاچ آفيسر طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني  بئنچ وڏي وزير جي جيلن بابت صلاڪار اعجاز جکراڻي جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جي  داخل درخواست تي سکر نيب جي پراسيڪيوٽر عبيدالله ابڙو عدالت کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي .عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي طلب ڪندي ڪيس 23آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي .اعجاز جکراڻي جي وڪيل محسن شهواني عدالت ۾ چيو ته ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهيو ويو آهي .اعجاز جکراڻي نيب سان مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهي، هو پرڏيهه وڃڻ چاهي ٿو، ان جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي، جسٽس اقبال ڪلهوڙي  پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اسان کي  اي سي ايل مان نالو خارج ڪرڻ جي حوالي سان ٽرم اينڊ ڪنڊيشن ۽قانون جي خبر آهي، نيب جي جاچ ڪڏهن مڪمل ٿيندي نيب جي وڪيل چيو ته ٻن ڪيسن جي جاچ ٿي رهي آهي.

بلوچستان ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻيل 14 ڄڻن جي اجتماعي جنازي نماز

حب ( م ڊ ) بلوچستان ۾ ڪوسٽل هاءِ وي تي اورماڙه ويجهو دهشتگردي جو نشانو بڻيل 14 ڄڻن جي اجتماعي جنازي نماز لسٻيلا جي علائقي حب ۾ ادا ڪئي وئي.  جنازي نماز بعد مڙهه جي اباڻن علائقن ۾ تدفين ڪئي وئي. گذريل ڏينهن دهشتگردي جي ٻن واقعن ۾ 20 سڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا هئا. وزيراعظم عمران خان سڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سموري قوم سڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.

مدراس ڪوآپريٽوهائوسنگ سوسائٽي ڪرپشن ڪيس، جوابدارن جي عارضي ضمانت ۾ واڌ

مدراس ڪوآپريٽوهائوسنگ سوسائٽي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال  ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  مدراس ڪوآپريٽوهائوسنگ سوسائٽي ڪراچي رفاعي پلاٽس کي ڪمرشل ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪيس ۾ 6 جوابدارن جي عارضي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.جوابدارن ۾ حاجي امام بخش، احسن زبير، محمد عظيم، مظفر علي سومرو، صمد وقار ۽ فيصل وقار شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.