حڪومت عدالتي ڪميشن سان سهڪار نه پئي ڪري: پي ٽي آءِ اقليتي اسيمبلي ميمبر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اقليتي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار وانڪواڻي سپريم ڪورٽ ۾ پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته آئون حڪومت جو حصو آهيان پر وفاقي حڪوتم عدالتي ڪميشن سان سهڪار نه پئي ڪري.

چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اقليتن جي حقن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جتي عدالت اقليتن لاءِ حڪومتي ڪميشن جوڙن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڪميشن جوڙڻ بابت پڇاڻو ڪيو ڊپٽي اٽارني جنرل ٻڌايو ته هن کي به ان معاملي تي خدشا آهن، ڪميشن مذهبي معاملن واري وزارت جي ماتحت آهي.

چيف جسٽس چيو ته مذهبي معاملن واري سيڪريٽري کي گهرائي پڇون ٿا ته ڪميشن ڪيئن بڻي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالت پهرين هڪ ڪميشن بڻائي چڪي آهي، حڪومت نئين ڪميشن ڪيئن بڻائي،  حڪومت جيتري مرضي ڪميشن بڻائي پر عدالتي ڪميشن کي نٿا ڇيڙي سگهون.

عدالت تعليم ۽ مذهبي معاملن واري سيڪريٽريز کي عملي بندوبستن جي تفصيل سميت 23 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو.

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته حڪومت ٻين ڪمن جي لاءِ جيتري مرضي ڪميشن بڻائ پر هڪ ٻئي جي رستي ۾ نه اچڻ گهرجي.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته عدالتي فيصلي موجب نصاب ۽ ملازمتن جي حوالي سان ڪهڙا بندوبست ڪيا، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ اقليتن جي 108 عبادت گاهن کي سيڪيورٽي ڏني وئي، ملازمتن ۾ اقليتن جي ڪوٽا تي به عملدرآمد ٿي رهيو آهي.

عدالت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي 23 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.