ڪنري ۾ برسات متاثرن ۾ سماجي تنظيم پاران امداد تقسيم

ڪنري (ت ر) سنڌ ۾ پيل برساتن سان تباھ ۽ بي گھر ٿيل غريب خاندانن جي مدد جي لاءِ سماجي تنظيم سھارا ڪميونٽي ھيلٿ ايسوسي ايشن (سچا) طرفان سنڌ  ڪنسشوريم پراجيڪٽ ٽيئر آسٽريليا ۽ ڊايوسس آف حيدرآباد جي تعاون سان ڪنري ۾ سچا جي ڪوآرڊينيٽر امروز گوئيل، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر تعلقو ڪنري ممتاز ڀٽي ۽ غريب ٻوڏ متاثرن ۾ 350 خاندانن ۾ راشن ورھايو ويو، جنھن ۾ کاڌي پيتي جو ضروري سامان ۽ ٻيون شيون شامل ھيون، ان موقعي تي متاثرن سان خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ممتاز ڀٽي چيو ته پھرين ڪورونا وائرس ۽ ھاڻ برساتن سان آيل تباھي سبب وڏي تعداد ۾ ماڻھو بي گھر ٿيا آھن، ھزارين ماڻھو روڊن تي ويٺل آھن سنڌ حڪومت انھن جي بحالي جي لاءِ ھر ممڪن ڪوششون ڪري پئي،

جروار ۾ چور هندو واپاري جي گهران زيور، روڪ ۽ سامان چورائي ويا

جروار (ن ع آ) جروار جي ھندو مُحله مان واپاري پپو رام ولد اندر لعل جي گھران رات چور 70 ھزار روڪ ٽي تولا سون بئٽري سميت ٻيا قيمتي سامان چوري ڪري ويا جڏھن ته جروار پوليس واقعي کان لاتعلق بڻيل آھي.

ٺٽي ۾ نوجوان جي قتل جا 2 مک جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ٺٽو(ڊ ر)ڪجھ ڏينھن اڳ جھرڪ پوليس اسٽيشن جي حد ۾ جيلاني چيڪ پوسٽ ڀرسان ڪارو کئو عباسي فارم تي زمين جي تڪرار تان منگسي ۽ کوسا برادري ۾ جھيڙو ٿيڻ جي  نتيجي ۾ انور ولد نظام منگسي مارجي ويو ھو، جنھن جي قتل جو ڪيس جھرڪ ٿاڻي تي مقتول انور منگسي جي پيء فريادي نظام منگسي جي مدعيت تحت کوسا برادري جي 8 کان وڌيڪ ماڻھن مٿان داخل ڪرايو، جنھن بعد جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن. پوليس ٻن مک قاتل جوابدارن الطاف ولد جاڙو کوسو ۽ فراز عرف مراد علي کوسو رھندڙ عباسي فارم کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جڏھن تہ ٻين رھيل جوابدارن جي گرفتارين لاء ڇاپن جو سلسلو جاري آھي،  ايس ايڇ او جھرڪ محمد عثمان شر چيو ته ڪوششن بعد مک ٻن قاتل جوابدارن الطاف ۽ فراز عرف مراد علي کوسو کي گرفتار ڪيو ويو آھي

هالاڻي ۾ زيادتي ڪوشش ڪندڙ جي گرفتاري لاءِ احتجاج

هالاڻي (ن ع آ) سينئر صحافي ڪوٽڏيجي جي  خان محمد ملاح جي نياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيو هالاڻي جي صحافين  منظور خاصخيلي ۽ ظفر اعواڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ايس ايس پي خيرپور کان نوٽيس وٺي انصاف فراھم ڪرائڻ جو مطالبو ،خبر موجب : سينئر صحافي ڪوٽڏيجي جي   خان محمد ملاح جي نياڻي سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب هالاڻي جي منظور خاصخيلي ، ظفر اعواڻ ، اعجاز خاصخيلي ، حزب الله چانگ ، قابل خاصخيلي ، ادريس سهتو ، مزمل ڪمبوه ، وقار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.  ان موقعي تي صحافين چيو ته ڪوٽڏيجي جي سينيئر صحافي  خان محمد ملاح جي نياڻي سان خيرپور ۾ ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي وئي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ھجڻ باوجود خيرپور پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ناھي سگھي ھنن ايس ايس پي خيرپور کان پرزور مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته صحافي جي نياڻي سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ٻيء صورت ۾ سخت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۔

پڪا چانگ ٽائون ڪاميٽي جي  ملازمن کي پگهار نه ملي، احتجاج

پڪا چانگ ( ن ع آ ) ٽائون ڪاميٽي جي پڪا چانگ جي سوين ملازمن کي پگهار نه مليون، خبرموجب  ھڪ ڪروڙ جي ماھوار بجيٽ رکندڙ ٽائون ڪميٽي جي ٽي سئو کان مٿي ڪچن ۽ پڪن ملازمن کي گذريل ٽن مھينن کان پگھارون ناھن ملي سگھيون، جنھن سبب سوين ملازم فاڪاڪشي تي مجبور آھن،ملازمن نياز حسين، چانگ سڪندر  بالادي، آزاد ملاح،  شبير بالادي ۽ ٻين چيو ته ھڪ مھيني اندر ھڪ ڪروڙ جي بجيٽ رکندڙ ٽن مھينن کان پگھارون ناھي ڏئي. وڏ وزير ۽ ٻيو اختياريون نوٽيس وٺن .

ٺري ۾ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف شيعا اڳواڻن جو مظاهرو

ٺري ميرواهه ( ت ر ) ٺري ميرواھ ۾ شيعا اڳواڻن پاران چاليهي جي جلوسن ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻھن تي سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيڻ واري عمل خلاف ٺري  ميرواھ ۾ شيعا اڳواڻن مولانا نبي بخش دانش ،عبدالجبار شر، ثمر عباس شر۽ ميرواھ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ اقليم حيدر شر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺري ميرواھ آڏو احتجاجي مُظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مُظاهرين چيو ته محرم الحرام جي چاليهي جي جلوسن مٿان ضلعي خيرپور جي مختلف ٿاڻن تي جلوسن جي اڳواڻي ڪندڙ هزارين مومنين خلاف  سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن  . جيڪو عمل مذھبي آزادي جي خلاف آھي ۽ غير قانوني غير آئيني آھي هنن چيو ته اسان محبت وطن پاڪستاني آھيون اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ناانصافي ڪئي وئي آھي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي هنن مطالبو ڪندي چيو ته جيڪڏھن 14آڪٽومبر تائين داخل ڪيس ختم نه ڪيا ويا ته14آڪٽومبر تي پوري سنڌ اندر لکين مومنين ٿاڻن تي پهچي گرفتاريون پيش ڪندا جنهن جي ذميوار انتظاميا هوندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.