ڪلوئي ۾ڏيڍ مهيني کان 20 کان وڌيڪ ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ٻڏل، انتظاميا خاموش

ڪلوئي ( رپورٽ: نواز لنڊ ) تعلقي ڪلوئي  جي يوسي فانٽ ۽ يوسي ڀٽارو جي 20کان وڌيڪ ڳوٺن مان ڏيڍ مهينو اڳ پيل تيز برساتن ۽ ايل بي او ڊي سم نالي جو زهريلو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي ضلع انتظاميا پاڻي  نيڪال ڪرڻ جي لاءِ ڪو به اپاءَ ناهن ورتا جڏهن ته مختلف ڳوٺن سميت ٻن بئراجي علائقن جي سوين ايڪڙ زرعي زمينن ۾ پاڻي هئڻ ڪري چيٽ جو فصل به ٿي نه سگهندو مقامي رهواسين رفيق رحمان نهڙيو محمد موسي احمداڻي وسيم نهڙيو مصري مهراڻ پوٽو شڪيل کوکر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڏيڍ مهينو اڳ پيل تيز برساتن ۽ ايل بي او ڊي سم نالي کي لڳل گهاري جو پاڻي اڃان تائين اسان جي ڳوٺن ۾ بيٺل آهي.  انتظاميا اڃان تائين منظر عام تان غائب آهي ۽ ايل بي او ڊي سم نالي ۽ برساتن جو پاڻي مڪس ٿيڻ بعد خراب ۽ زهريلو ٿي ويو آهي جنهن ڪري ٻنيون به خراب ٿي وينديون ۽ سوين ايڪڙ زرعي زمينن ۾ فصل به ٿي نه سگهندو هنن چيو ته ضلعي انتظاميا چاهي ته ٻن ڏينهن ۾ پاڻي نيڪال ٿي ڍورو پراڻ ۾ ويندو هليو پر انتظاميه جي نااهلي جي ڪري گندو پاڻي نيڪال نه ٿو ٿئي هنن چيو ته انتظاميا اسان سان سهڪار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي ۽ مختلف ضلعن ۾ پيل تيز برساتن ۽ ايل بي او ڊي سم نالي جو پاڻي هٿرادو پنگريو روڊ تان ڪٽ ڏئي ڪري جو پاڻي ڪراس ڪري ڊھورو پراڻ ۾ روانو ڪيو ويو آھي اسان ڪھڙو گناه ڪيو آھي انتظاميا  ڪجهه رحم ڪري ان رستي پاڻي نيڪال ڪري مستقبل لاء گس به ٺاھي ڏنو وڃي ته جئين  تباھي کان بچي سگھون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.