ڪراچي ۾ هڪ مهيني لاءِ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواريءَ تي پابندي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڏوهن جي وڌندڙ واقعن کي ڏسندي هڪ مهيني لاءِ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ايڊيشنل آءِ جي طرفان 10 آڪٽوبر تي لکيل خط ۾ ان خدشي جو اظهار ڪيو ويو ته شرپسند عنصرن طرفان شهر جو امن خراب ڪرڻ جا اطلاع آهن ۽ تازو ڪراچي ۾ هينڊ گرينيڊ اڇلائڻ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ مذهبي اڳواڻن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا به رپورٽ ٿيا آهن، تنهن ڪري درخواست آهي ته شهر ۾ هڪ مهيني لاءِ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.

صوبائي گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري طرفان جاري خط ۾ چيو ويو آهي ته امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ شدت پسند ڪارروائين کان بچڻ لاءِ صوبائي حڪومت قلم 144 لاڳو ڪندي فوري طور 30 ڏينهن لاءِ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

عورتون، 12 ورهين کان گهٽ عمر جا ٻار، پيرسن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ صحافي پابندي کان آجا هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.