مدئجي ڀرسان چوري بعد پوليس پهچڻ تي جوابدار مينهون ڇڏي فرار

مدئجي(ن ع آ ) ڳوٺ آرائين ۾ گذريل رات نامعلوم چورن مڱريا برادري جي معزز جنيد احمد مڱريو جي مينهن جي واڙي ۾ داخل ٿي 4 چار ڀلوڙ مينهون ڪاهي وڃي رهيا هئا ته ڳوٺاڻن چورن جو پيڇو ڪيو جنهن بعد  ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن بعد پوليس به ڳوٺاڻن سان گڏ هٿياربندن جو پيڇو ڪيو،ڳوٺ منڍوءَ جي وانڍ ٻاهران پوليس ۽ چورن وچ ۾ مقابلو ٿيو اڌ ڪلاڪ تائين جاري فائرنگ دوران چور مينهن مان هٿ ڪڍي فرار ٿي ويا ڳوٺاڻن مينهون ڇڏائڻ جي خوشي ۾ هوائي فائرنگ ڪئي،هوڏانهن پوليس چوري واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ کوجي ڪتن جي مدد سان پيرو کنيو جيڪو ڳوٺ نبي آباد ۾ ڳوٺاڻي باغ ڪلهوڙو جي گهر تي چڙهائي ڪري گهر جي تلاشي ورتي،جتان جوابدار اڳواٽ گهر خالي ڪري ڀڄي ويا هئا،جنهن دوران جوابدار هٿ نه اچڻ تي پوليس گهر ۾ بيٺل 20 کان مٿي ڍور ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا آهن.،ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڳاهيجا ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته نامعلوم چورن مڱريا برادري جي چڱي مڙس جنيد احمد مڱريو جون چار مينهون چورائي ويا جيڪي ڳوٺاڻن ۽ پوليس مقابلي بعد ڇڏائي ورتيون آهن ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جاسوسي ڪتي جي ذريعي پيرو کنيو،پيرو ڳوٺ نبي آباد واسي باغ ڪلهوڙو ۾ پوڻ تي ڪارروائي ڪئي جوابدار هٿ نه اچڻ تي ڪجهه ڍور ڪاهي آيا آهيون،وڌيڪ ڪارروائي ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪئي ويندي.ٻئي طرف واقعي جي خبر پوڻ تي مڱريا برادري جا سوين ماڻهو واقعي واري هنڌ پهتل هئا جن اختيارين کان مطالبو ڪندي چيوته بنا دير جوابدار گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.